بکري بندر

بکري بندر: هي بندر سنڌوءَ جي قديم بندرن مان هڪ هو، جيڪو ڪمال ديري بندر جي ويجهو هو. هي بندر ٽڳر بادبان جيترو پراڻو بندر هو. بکري شهر بکر جي راجائن ٻڌرايو هو ،جيڪو قديم زماني کان درياهه جي ڪناري تي آباد هو. هتان جا ماڻهو ڀاڳيا هئا ، هتي ملاح به رهندا هئا، جن وٽ وڏيون ٻيڙيون هونديون هيون. روايت آهي ته بکري شهر ٻه يا ٽي دفعا سنڌو درياهه پاتو هو، پر وري به درياهه جي ڪناري تي شهر آباد پئي ٿيو. سنڌو درياهه اتان جي ماڻهن جي جياپي ۽ گذر سفر جو ذريعو هو. هن بندر جي اتر ۽ ڏکڻ ۾ وڏا ٻيلا هئا، هاڻي صرف بکري ٻيلي، بکري جي ڍنڍ ۽ بکريءَ جي پتڻ جا يادگار وڃي بچيا آهن. سنڌ جو نامور ملهه پهلوان شير مير بحر بکري شهر جو ويٺل هو. بکريءَ ۾ درياهه جي ڪناري سان (پلرن) ٿنڀن تي هڪ مندر به ٺهيل هو، جڏهن درياهه چڙهندو هو ته مندر جي هيٺان وهندو هو، جيڪو پوءِ درياهه پائي ويو. درياهه جي ٻنهي ڪنارن تي مندر ٺهيل هئا. بکريءَ جو تڙ وسندڙ هو. بکريءَ جي آسپاس جام آبادي هئي جتان اناج، تيلي ٻج، ماکي، سٺو گيهه، ٻاهر ويندا هئا ۽ ريزڪي سامان جي دڪانن جون شيون سکر بندر ۽ حيدرآباد کان ٻيڙين ۾ کڄي اينديون هيون. سکر ۽ حيدرآباد کان ڪپڙو هن بندر ذريعي ايندو هو. سکر ۽ حيدرآباد ڏانهن ڀاڳو ديري جو رڱيل چمڙو ٻيڙين رستي کڄي ويندو هو. هن بندر تان لاک، کؤنر به سٺي انداز ۾ ٻاهر ويندو هو. هن تڙ تي پلن جي مڏي به هئي، جنهن تي ملاحن جو صبح سانجهي چهچٽو لڳو پيو هوندو هو.


هن صفحي کي شيئر ڪريو